اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) تيرهون ٻ?? ڏينهن وارو ايشيا – يورپ سربراهه اجلاس خميس تي ڪمبوڊيا ۾ شروع ٿي ويو، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نوم – پنهه ۾ منعقد 13 هين ايشيا يورپ ورچوئل اجلاس (اسيم) ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. ايشيا يورپ ميٽنگ، ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ غير رسمي ڊائلاگ فورم آهي جيڪو ٻنهي خطن کي درپيش سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آهي، ان فورم جو بنيادي مقصد گڏيل احترام ۽ برابر حصيداري جي جذبي سان پنه??جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي، اجلاس ۾ سڄي دنيا جا اڳواڻ، موسمياتي تبديلي، پائيدار ترقي جي هدفن 2030ع جي ايجنڊا، آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ اسيم جي مستقبل جي اهم مسئلن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. سربراهي اجلاس جي پهري?? ڏينهن شرڪت ڪندڙن موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آف??ن کي منه?? ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيندي ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي ڌيا?? ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ اسيم فورم جي منفرد ۽ غير رسمي نوعيت کي برقرار رکندي مستقبل جي چئلينجن کي منه?? ڏيڻ لاءِ ممڪن حڪمت عملي جي حوالي سان به ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پنه??جي بيانن ۾ اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پنه??جي ??يا??ن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، پاڪستان جي نمائندگي ڪندي اسيم فورم کي خطاب ڪندو ۽ افغانستان سميت علائقائي امن ۽ سلامتي بابت معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.