اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مارڪيٽ جون ضر??رت?? ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، ع??رت?? ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي حوالي سان بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ نيوٽڪ جو چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ ٽوئيٽا جي صوبائي ??ربراهن شرڪت ڪئي. صدر کي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مختلف پروگرامن تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته مارڪيٽ جي ضر??رت?? ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. هن چيو ته نوجوانن کي انڊسٽري جي ضر??رت?? موجب سکيا ۽ هنر فراهم ڪرڻو پوندو، ع??رت?? ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بنائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو حصو آهن، ع??رت?? ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنرمند بڻائڻو پوندو. هنرمند ماڻهن افرادي قوت تيار ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان گڏ رابطا ضروري آهن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ سان انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿ??ندا.