اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪو??تي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اڄ اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته مخال ڌر چئي رهي هئي ته اسان ضمني فنانس بل منظور نه ڪرائڻ ڏينداسين، اڄ مخالف ڌر کي ڀرپور ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته سڄي قوم اڄ واري م??الف ڌر کي روئندو ڏسندي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ضمني فنانس بل سان عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو، عام ماڻهن کي م??اثر ڪن??ڙ شين تي ٽيڪس جي م??املي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ضمني فنانس بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف تياري ڪري وٺي، هاڻي ان کي حساب ڏيڻ?? پوندو. شريف فيملي جا ڪجهه ماڻهو فرار ٿيا آهن ۽ ڪجهه عدالتن ۾ تاريخن جي پويان لڪي رهيا آهن.