اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چونڊيل عوامي نمائندن کي عوام سان رابطا مهم تيز ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ضلع?? ا??تظاميه سان رابطو بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ??مران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن فيض الله ڪموڪا، خواجه شيراز محمود، شوڪت علي ڀٽي، حيدر علي خان، ثناءُ الله خان مستي، محمد يعقوب شيخ، اورنگزيب خان ڪڇي ۽ جنيد اڪبر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ??و خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ??مران خان سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلع?? ا??تظاميه سان ڪو??رڊ??نيشن کي به بهتر بڻائين.