اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت سميت هر شعبو ڪرونا وائرس جي وبا کان اڳ واري معمول تي اچي ويو آهي. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آه?? ته عالمي ميگزين دي ??ڪانومسٽ ڪورونا وائرس جي وبا بابت 50 ملڪن جي نارميل??ي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي دنيا ۾ ٻيو نمبر قرار ڏنو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته هاڻي به اسان اوميڪرون ۾ احتياط جاري رکنداسين.