اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي سعودي عرب جي س??ام??ي، خودمختياري ۽ علائقائي س??ام??ي جي ل??ءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گهرو وزير شه??اد?? عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران ??ان اسلامي اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ س??ام??ي جي ل??ءِ سعودي عرب جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عهد شه??اد?? محمد بن سلمان جي سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن جي ل??ءِ اڻٿڪ ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم خاص طور تي مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان کي ڏني ويندڙ تازي مالي امداد تي پڻ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪندي وزيراعظم عمران ??ان سعودي عرب جي س??ام??ي، خودمختياري ۽ علائقائي س??ام??ي جي ل??ءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. وڏي انگ ۾ پاڪستانين جي ميزباني تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽاسٽا جي معاهدي جي حوالي سان وزيراعظم عمران ??ان اميد ظاهر ڪئي ته ان فريم ورڪ جي ذريعي سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي هڪ وڏي انگ کي پاڪستان واپس موڪليو ويندو. شه??اد?? عبدالعزيز وزيراعظم کي سعودي ولي عهد پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو پڻ اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻن رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد، هم آهنگي، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي مستقل حمايت تي ٻڌل آهن.