اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا ب??او?? ان آئيني ترميم جي لاءِ اسان سان تعاون لاءِ تيار ??هي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وز??ر چيو ته ب??او?? ڀٽو ناسمجهه ۽ ان جا استاد نالائق آهن، هن چيو ته ب??او?? ڀٽو کي لکيل پرچيون ڏنيون وينديون آهن، ب??او?? ڀٽو کي هن وقت تائين ادراڪ ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ حقيقت ڇا آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو ب??او?? سمجهي ويندو ته صرف تنقيد سان ڏکڻ پنجاب صوبو نه ٺهندو، ڏکڻ پنجاب صوبو آئيني ترميم سان ٺهندو، منهنجو سوال آهي ته ڇا ب??او?? آئيني ترميم لاءِ اسان سان گڏ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب صوبي کي عملي جامو پارائڻ چاهيو ٿا ته اچو گڏجي آئيني ترميم ڪيون، هن چيو ته آئون بل پيش ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن تو??ان جي نيت صاف آهي ته پنهنجو ووٽ ڏيو ۽ ڏکڻ پنجاب کي حق ڏياريو، شاهه محمود قريشي چيو ته مون 19 جنوري تي خط لکيو تو??ان جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، مون ب??او?? ڀٽو ۽ شهباز شريف کي اڄ ٻيهر خط لکيو آهي، هن چيو ته يو اين ڊي پي جي جيڪا رپورٽ آئي آهي ان منهنجي موقف جي تصديق ڪئي ??هي. ڏکڻ پنجاب سڀني کان پوئتي پيل ريجن آهي، مون شهباز شريف کي به يو اين ڊي پي جا سڀئي انگ اکر موڪليا آهن، منهنجي شهباز شريف کي درخواست آهي ته ڏکڻ پنجاب جي معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪري، ڏکڻ پنجاب جي حقيقتن کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن ب??او?? ۽ شهباز شريف پنهنجي سياسي مفاد کي به سامهون رکن ته انهن کي ڏکڻ پنجاب جي جوڙجڪ ۽ جاچ ۾ رڪاوٽ نه ??ڻجڻ گهرجي.