اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) جو ??ورو ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف پي ڪي ايل آئي ۾ اسپيشل ٽريٽمينٽ يونٽ جو ??ورو ڪيو ۽ وزيراعظم کي اسپيشل ٽريٽمينٽ يونٽ ۾ مريضن کي دستياب جديد علاج جي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان موقعي تي پي ڪي ايل آئي ??ي عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ??ه اهي مريضن کي سموريون دستياب سهولتون موثر طريقي سان پهچائين.