اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هون آز??دي جو ڏهاڙو ملهائڻ ??ون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ اسٽالز لڳي ويا جتي قومي جهنڊن، بيجز ۽ اسٽيڪرز جو وڪرو جاري آهي، ننڍن ٻارن جي لاءِ جشن آز??دي جي مناسبت سان لباس ۽ شرٽس جي انهن اسٽالز تان خريداري جاري آهي، هر طرف سبز هلالي جهنڊن جي بهار اچي چڪي آهي، دڪانن، گهرن ۽ گاڏين تي قومي جهنڊا لهرايا پيا وڃن جڏهن ته نوجوانن پنهنجي پنهنجي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن کي پڻ قومي جهنڊن سان سينگاري ڇڏيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن اي پي پي جي سروي موجب شهر جي مختلف علائقن، گهٽين، پاڙن، رستن، عمارتن ۽ ٻين جاين کي انتهائي خوبصورتي سان سجايو پي?? وڃي. خاص طور تي ٻارن ۾ جشن آز??دي ملهائڻ جي تيارين جي ??وا??ي سان جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو آهي. شهر جي سمورن علائقن ۾ جشن آز??دي جي ??وا??ي سان پاڪستاني جهنڊن، جهنڊين، بيجز ۽ ٻين سجاوٽ وارين شين جي وڪري جي لاءِ سوين عارضي اسٽالز لڳايا ويا آهن، جتان شهري جشن آز??دي ملهائڻ جي لاءِ مختلف سجاوٽ ??ون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. ٻار، وڏا بزرگ ان اهم ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ هر طرح جي تيارين ۾ مصروف اچن ٿا.