اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي غيرق??نو??ي ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ ڀارت جي غيرق??نو??ي طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڀارت سان سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ ڀارت جي ناظم الامور کي جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ پاڪستان حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرق??نو??ي طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرق??نو??ي ۽ هڪطرفي قدمن کي واضح طور تي رد ڪ??ڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪي عالمي ق??نو??ن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سان گڏوگڏ تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قرارادن جي خلاف ورزي آهي. ناظم الامور کي ڀارت پاران والاري علائقي جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي هڪطرفي طور تي تب??يل ڪرڻ ۽ وحشياڻي فوجي قبضي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ کنيل ناجائز قدمن تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو. واضح رهي ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرق??نو??ي ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال گذري وڃڻ کانپوءِ به والاريل علائقي جي سخت هٿياربند فوجي گهيراءُ ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي ۽ انساني حقن جي صورتحال بدستور خراب ٿيندي پئي وڃي. والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهين قتل، نظربنديون، گرفتاريون، جعلي ڪيس ۽ سخت ق??نو?? ۽ بوگس ٽرائلز هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. پاڪستان نام نهاد تڪ بندي ڪميشن جي رپورٽ کي واضح طور تي رد ڪ??ڻ کي پڻ ورجايو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارت جعلي چونڊ سڌارن جي آڙ ۾ هڪطرفي طور تي والاريل ڪشمير جي آبادياتي ساخت کي تب??يل نه ٿو ڪري سگهي. ناظم الامور کي پاڪستان جي ان مطالبي کي ياد ڪ??ايو ويو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي پ??هن??ي غيرق??نو??ي ۽ هڪطرفي قمن کي واپس وٺي، فوري طور تي والاريل ڪشمير ۾ پ??هن??و غيرانساني فوجي گهيراءُ ختم ڪري، والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تب??يل ڪرڻ جي غيرق??نو??ي قدمن کي روڪڻ سميت جعلي مقابلن?? گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ ڪشميري نوجوانن جو عدالت کان مٿانهون قتل بند ڪ??ي، غيرق??نو??ي طور تي نظربند ڪ??ميري نوجوانن ۽ سياسي قيادت کي آزاد ڪ??ي ۽ حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي فرضي الزامن تحت ٻڌايل عمرقيد جي سزا ۽ سمورن هٿ ٺوڪين ڪيسن کي واپس ورتو وڃي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ڪشمير مان 9 لک قابض فوجين جو انخل عمل ۾ آڻي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي ريفرنڊم ذريعي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ ڏي جنهن جو حق انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي.