اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ملڪ گير دورا ڪ??ي رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اڄ خميس ڏينهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪندو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآبا?? ۽ ??کر ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويند??. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو وٺندو. صدر رليف ڪئمپن جو دورو ڪندو، ٻوڏ سٽيلن سان ملاقات ڪندو. صدر ٻوڏ متاثرين کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن کي درپيش ??سئلا ڄاڻڻ جي لاءِ انهن سان ملاقاتون ڪندو. گذريل ڏينهن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثرين جي امدا?? ۽ ??حالي جي لاءِ ڪرڻ واري ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو هو. صدر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئ??. ص??ر ايندڙ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تيز تر بحالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.