ڊي آءِ خ??ن – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ڊي آءِ خ??ن دوري ۾ ساگو پل تي ڪم جي رفتار جو معائنو ڪيو ?? منصوبي تي تيز رفتاري سان ڪم ڪرڻ تي لاڳاپيل عملدارن جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ پل جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ?? اتي ڪم جي رفتار جو جائزو پڻ ورتو. پل معائني جي موقعي تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ وزيراعظم ??و صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ وزيراعظم ??ان گڏ هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ پل کي جلد ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويندو. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ مواصلاتي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ??تي خيمن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين کي پڻ هٿ هلايو. واضح رهي ته ڊي آءِ خ??ن ۾ تازي طوفاني برسات سان پل لڙهي وئي هئي. تازي ٻوڏ کانپوءِ وزيراعظم ??و ڊي آءِ خ??ن جو هي ٻيو دورو آهي ان کانسواءِ هن ٽانڪ، نوشهره، چارسده، سوات ۽ ڪوهستان جو دورو ڪيو جتي هن ذاتي طور تي ريسڪيو ?? ريليف آپريشنز جو معائنو ڪيو.