اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزير شيخ نهيان بن مب??رڪ ال نهيان پاران مالي امداد جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو پاڪستان جي عوام سا?? ان جي بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمند?? جو ثبوت آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايثار کي ڪڏهن فراموش نه ڪندي. ان کان اڳ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي ثقافت، نوجوانن ۽ سماجي ترقي واري وزير شيخ نهيان بن مب??رڪ ال نهيان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جيل اءِ انفرادي سطح تي ڏني ويندڙ شيخ نهيان بن مب??رڪ ال نهيان پاران ڏني ويندڙ هيستائين جو سڀ کان وڏو عطيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي فراخدلاڻي مدد تي شيخ نهيان بن مب??رڪ ال نهيان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اهو ان جي پاڪستاني عوام سا?? بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمند?? جو ثبوت آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سندس ان جذبي کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي، ان سا?? ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي ۾ وڏي مدد م??ندي. پاڪستاني عوام سا?? توهان جي محبت ٻن??ي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن جي تاريخ جو سنهري باب آهي.