اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين اتفاق ڪي?? آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون ع??ام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪ??دي??ن ره??دي??ن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستا?? مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون ع??ام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪ??دي??ن ره??دي??ن. ملاقات دورا?? مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي هر مشڪل حالتن ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.