اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر افغان عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزي?? امير خان متقي سان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موج?? ملاقات ۾ تعليم، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ سماجي، اقتصادي من??وبن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.