اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته 16 ڊسمبر دهشتگردي خلاف پوري پاڪستان جو آ??از هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آه??، سالن کانپوءِ به ڏک آه?? جيڪو وسرجي نه ٿو. اي پي ايس سانحي جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته هر سال 16 ڊسمبر جو ڏينهن پوري قوم کي ان عذاب ۽ ڏک جي ياد ڏياري ٿو جڏهن دهشتگردن اي پي ايس پشاور ۾ ظلم جو داستان لکيو. سالن کانپوءِ به ڏک آه?? جيڪو وسارجي نه ٿو. اڄ اي پي ايس سانحي جي شهيدن سان عقيدت ۽ انهن جي پونئيرن جو ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آه??. وزيراعظم چي?? ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، 16 ڊسمبر دهشتگردي جي خلاف پوري پاڪستان جو هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آه??. هي ڏينهن پوري دنيا جي لاءِ پيغام آه?? ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آه??. اسان جي اها جدوجهد جاري آه?? جيڪا ان لعن?? جي مڪمل خاتمي تائين انهي مضبوط ارادي ۽ ثابت قدمي سان جاري رهندي.