اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اسپتال جي 37 ملازمن کي ڪورونا هيلٿ رسڪ ال??ئونس ڏيڻ جي حڪم جي توثيق ڪندي رسڪ ال??ئونس ڏيڻ جي لاءِ تازي سمري پي ايم سيڪريٽريٽ موڪلڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف قومي صحت خدمت واري وزارت جي اپيل ر?? ڪري ڇڏي. نيشن?? انسٽيٽيوٽ آف ري هيبلي ٽيشن مڊيسن (نِرم) ۽ فيڊرل گورنمينٽ سروسز اسپتال جي 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي ال??ئونس کان محروم ڪي?? ويو هو، مقبول احمد ۽ ٻين شڪايت ڪندڙن ال??ئونس نه ملڻ تي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن جو موقف هو ته اهي ادارن جي سربراهن جي هدايت تي خطري جي باوجود ڪورونا وائرس جي وبا ۾ فرض سرانجام ڏيندا رهيا، ڪيترن ئي ملازمن کي ڪورونا رسڪ ال??ئونس ادا ڪي?? ويو جڏهن ته انهن کي نان ٽيڪنيڪل اسٽاف قرار ڏئي امتيازي سلوڪ ڪي?? ويو. شڪايت ڪندڙن موجب ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل ملازم هڪ جهڙي ??ور تي پنهنجي اسپتالن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا رهيا. فيصلي موجب آگسٽ 2021ع ۾ وزارت وفاقي سرڪاري اسپتالن/ ادارن جي طبي عملي کي ڪورونا هيلٿ رسڪ ال??ئونس ڏيڻ جي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا، فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪ?? انسٽيٽيوٽ اسلام آباد به فائدو کڻندڙن مان هڪ هو، 2020ع ۾ سمورن ملازمن کي ڪورونا رسڪ ال??ئونس ڏن?? ويو جڏهن ته 2021ع ۾ 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي ال??ئونس کان محروم ڪي?? ويو. فيصلي ۾ قرار ڏن?? ويو ته ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل عملو هڪ جهڙي ??طري واري ماحول ۾ ڪم ڪري ٿو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايجنسي جي باقي 37 ملازمن کي ال??ئونس ڏيڻ جي سفارش ڪئي. صدر صحت واري وزارت جي اپيل بدانتظامي ثابت ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي.