اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ه??در??ي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جو عزم ڪيو. وزيراعظم ٻوڏ جي نقصانن تي ه??در??ي ۽ افسوس تي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جا ٿورا مڃيند?? جنيوا ۾ 9 جنوري تي ٿيندڙ عالمي ??ان??رنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وزيراعظم پاران ??ان??رنس ۾ شرڪت جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيندي وزيراع??م کي آگاهه ڪيو ته آءِ ايم ايف جي بو??ڊ جو 9 ۽ 10 جنوري تي اجلاس اڳ ۾ طئي ٿيل آهي ان لاءِ هو ورڇوئل طور ??ان??رنس ۾ شريڪ ٿي سگهندي. وزيراعظم ايم ڊي فنڊ کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پاڪستان کي درويش چئلينجز جي ادراڪ ۽ ه??در??ي تي ايم ڊي جا ٿورا مڃيا.