اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پشاور ۾ پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چي?? آهي ته دهشتگردن جو مسجد تي حملو ??سلام، قرآن، مسلمانن ۽ پاڪستان سان نفرت جو ثبوت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيدن کي خراج عقيدت ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان جا دشمن غلط فهمي جو شڪار آهن ته معصومن جو رت وهائي دهشتگ??دي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. هن چي?? ته خيبرپختونخواهه دهشتگ??دي جي خلاف فرنٽ لائين صوبو آهي، افسوس 10 سالن ۾ ان خطري کي نظرانداز ڪرڻ جي ڏوهاري غلطي ڪئي وئي. هن چي?? ته قائد نواز شريف دهشتگ??دي جو خاتمو آندو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي عزم ۽ حڪمت عملي سان ان کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. اط??اعات واري وفاقي وزير شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اط??اعات واري وفاقي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.