اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانوالي جي ٿاڻي مڪڙوال تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس کي شاباش ڏيندي غير ??عم??لي بهادرري جو ??ظاهرو ڪندڙ ??وليس آفيسرن ۽ جوانن کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردن کي ڀڄائيندڙ ??نجاب پوليس جي آفيسرن ۽ نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پوليس دهشتگردي ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ ا??ان جو ??ابل فخر هر اول دستو آهي. دهشتگردن جي خلاف سڄي قوم ۽ ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪردار ۽ جذبي تي سڄي قوم کي فخر آهي. پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ مضبوط ۽ جديد هٿيارن ??ان ليس ڪنداسين. سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر فورسز ??ان گڏ آهي.