نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سا?? ملاقات دوران ڪشمير مسئلي تي واضح موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي، آمريڪا سميت عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڏکي صورتحال کان ??چڻ لاءِ فوري قدم کڻي، دنيا ڄاڻي وٺي امن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڀارت آهي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ايران ڇڪتاڻ ??ي حوالي سا?? وزيراعظم عمران خان جي ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ قبول ڪري ورتي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو.