اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”ڪوويڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين“ جي ل??ءِ اپيل تي صحيحون ڪ??ي ڇڏيون آهن ۽ چيو آهي ته ڪو به ليڊر ان وقت تائين آرام سان نه ٿو ويهي سگهي جيستائين هر ملڪ جي هر شهري کي مفت ويڪسين تائين پهچ نه ٿي ملي. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم عمران خان ڪ??ويڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين جي ل??ءِ اپيل ۾ عالمي اڳواڻن سان گڏ شامل ٿي ويو آهي، ان اپيل ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جڏهن ڪ??رونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ويڪسين تيار ٿي وڃي ته اها سمورن ملڪن ۾ سڀني ماڻهن کي مفت ملڻ گهرجي.