اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهيون، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي، انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خ??چن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ترقياتي خ??چ وڌايا وڃن، روزگار جا ڀرپور موقعا پيدا ڪيا وڃن، صوبائي حڪومتون صنعتي شعبي ۽ زراعت جي ترقي، غيرضروري حڪومتي خ??چن ۾ گهٽتائي ۽ صحت جي شعبي جي اپ گريڊيشن تي خ??ص ڌيان ڏين. هن اهڙئن خيالن جو اظهار وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مالي سال 21 – 2020ع جي مجوزه بجيٽ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وخزير محمود خان جي معاشي ٽيم پنهنجي پنهنجي صوبن جي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ بجيٽ جي حوالي سان زمين?? حقيقتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ترجيحن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خ??اب ڪندي چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خ??چن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ترقياتي خ??چ وڌايا وڃن.