اسل??م آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي لاءِ سمورن شهرين کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي اهميت رکندڙ آهي. صدر اها ڳالهه احساس ا??ڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي حوالي سان پنهن??ي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. صدر ان ڏس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??ي هڪ ٽوئيٽ جو حوالو پڻ ڏنو آهي جنهن ۾ احساس ا??ڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي لاءِ درخواستگذارن کي 30 آڪٽوبر تائين درخواستون ڏيڻ ??ي هدايت ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته سمورا شاگرد پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جي??ن مستحق شاگرد وقت سر اسڪالرسپ جي لاءِ درخواس?? ڏئي سگهن.