اسلام آباد – 05 – آ??ٽو??ر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته پي??لزپارٽي کي گلگت بلتستان کانپوءِ آزاد چمون ۽ ڪشمير ۾ به بري طرح شڪست ٿي آهي، عام چونڊن وانگر پي??لزپارٽي کي آزاد ڪشمير جي ضمني چونڊن ۾ به ائين ئي شڪست ٿيندي، ماضي گواهه آهي ته بلاول جنهن جنهن جي اليڪشن مهم ۾ حصو ورتو اهو اميدوار آخري نمبر تي آيو، ان سان وڏو ٻيو ڪهڙو ڪهڙو هوندو ته بلاول عوام ۾ بيهي چوي ٿو ته آزاد ڪشمير پي??لزپارٽي جو آهي، وفاق، چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جو خواب ڏسندڙ بلاول احمقن جي جنت ۾ رهي ٿو. بلاول زرداري جي خطاب تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جون نيون راويتون، نوان طريقا ايجاد ڪندڙ زرداري آهي، جعلي اڪائونٽس ۽ ايان علي جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪندڙ به اهي ئي آهن. هن چيو ته اڄ سنڌ ۾ بدترين غربت، بيروزگاري ۽ لاقانونيت آهي، ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي ميسر نه آهي، جيڪڏهن ٿوري برسات پئجي وڃي ته پورو ڪراچي ٻڏي وڃي ٿو. هن چيو ته پي??لزپارٽي ڪرپشن، روزگار وڪرو ڪندڙ ۽ ڪميشن وٺندڙ پارٽي آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، توهان کي شايد خبر نه آهي ته مشرف دور ۾ اين آر او ڪنهن ورتو هو. هن چيو ته وزيراعظم ??مران خان سستي گهرن، نوڪرين جي فر??همي، وسيلن جي برابر ورڇ کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو تهپارليامينٽ جي اندر مقابلي جون ڳالهيون ڪندڙ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ به ايندا ڪن.