اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف 3 جون تي انقره ۾ ترڪيه ??ي صدر رجب طيب ار??وان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب کيس ان دوري جي دعوت ترڪيه ??ي صدر رجب طيب ار??وان ڏني آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ ترڪيه ??ي وچ ۾ گهري ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ هوندو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف 28 مئي 2023ع تي رجب طيب ار??وان جي ترڪيه ??ي صدارت جي لاءِ ٻيهر چونڊجڻ تي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران مبارڪباد ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه ??ي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ وزيراعظم صدر ار??وان کي اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه ??ا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي تي ٻڌل آهن ۽ اهي گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ ع??لم?? معاملن ??ي نظرين جي هم آهنگي سان مضبوط ٿين ٿا. اعليٰ قيادت جي سطح تي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ڳانڍاپي جو نمايان رخ آهي.