اسلام ??با?? – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ڊويزن جي منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 2 ارب رپيا رکيا ويا جن ۾ جاري اسڪيمن جي لاءِ هڪ ارب 54 ڪروڙ 53 لک 50 هزار رپيا ۽ نئين اسڪيمن جي لاءِ 45 ڪروڙ 46 لک 50 هزار رپين جي رقم شامل آهي. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي جاري اڪسيمن اسٽيبلشمينٽ آف پاڪستان انفارميشن سينٽر (پي آئي سي) فيز ون جي لاءِ 3 ڪروڙ 50 لک رپيا، سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ (اسلام ??با??) ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبلي ڪيشنز جي لاءِ 44 ڪروڙ 85 لک رپيا، قائداعظم محمد علي جناح جي 1906ع کان 1948ع تائين تقرين جي ڇپائي جي منصوبي جي لاءِ 3 ڪروڙ 25 لک 30 هزار رپيا، پي آئي ڊي ميڊيا سيل ٽو سي وي اي پائليٽ پراجيڪٽ (اسلام ??با??) پي آئي ڊي قائم ڪرڻ جي لاءِ 4 ڪروڙ رپيا، نيشنل انفارميشن ميڊيا آڪائيو ريپازٽري (اسلام ??با?? – لاهور سائبر ونگ) جي لاءِ 37 ڪروڙ 94 لک 12 هزار رپيا، خيرپور (سنڌ) ۾ ميڊيا ويو سروسز جي بحالي لاءِ 20 ڪروڙ 90 لک 69 هزار رپيا، سينٽرل بورڊ آف فلم سينسرز (اسلام ??با??) جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 4 ڪروڙ 81 لک 41 هزار رپيا، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ اسٽوڊيوز ۽ ماسٽر ڪنٽرول رومز جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 15 ڪروڙ 49 لک 45 هزار رپيا ۽ ??ي ٽي وي اڪيڊمي ايڇ نائين اسلام ??با?? ۾ نيشنل فلم پروڊڪشن انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي نئين اسڪيمن جي لاءِ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع ۾ چين جي گرانٽ ان ايڊ جي ذريعي ??ي ٽي وي جي ڊي ٽي ايم بي جي ٽيرسٽيريل ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ 5 ڪروڙ 46 لک 50 هزار رپيا، ايڇ ??ي ٽي روات جي اپ گريڊيشن، 1000 ڪي وي – ڊي آر ايم هڻڻ جي لاءِ 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.