اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان جي ترقي بلوچس??ان جي ترقي سان مشروط آهي، حڪ??مت بلوچس??ان ۾ سي پيڪ جي ترقياتي منصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، بلوچس??ان جو اصل اثاثو باصلاحيت بلوچ نوجوان آهن، حڪ??مت بلوچس??ان جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ ليپ ٽاپس فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خان مندوخيل جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) بلوچس??ان جي 8 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جمال شاهه ڪاڪڙ، سردار يعقوب ناصر، آغا شاهه زيب دراني، عامر افضل مندوخيل، چوڌري نعيم، نصير اچڪزئي ۽ ظهير خان ڪاڪڙ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بلوچس??ان جي لاءِ خصوصي منصوبا شامل ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿور?? مڃيا.