اسلام آباد – 19 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر خواجه عمران نذير جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد پنجاب جي نوجوانن کي ليپ ٽاپ اسڪيم جي ذريعي علم حاصل ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خر??ج تحسين پيش ڪيو. وفد بجي?? 24 ??? 2023ع ۾ ملڪ خاص طور تي پنجاب جي آبادگارن ۽ نوجوانن جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جي منظوري تي وزيراعظم ??ا ٿورا مڃيا.