اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ستين آدمشماري جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آدمشماري موجب پاڪستان ??ي مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 92 هزار آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ نتيجن جي متفقه منظوري ڏني وئي. چئني ئي وڏن وزيرن، سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن آدمشماري جي نتيجن سان مڪمل اتفاق ڪيو، بلوچستان ??وامي پارٽي جي ڊاڪٽر خالد مگسي، ايم ڪيو ايم جي سيد امين الحق، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مولانا اسعد محمود، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قمر زمان ڪائره به سي سي آءِ جي ٻين ميمبرن کانسواءِ خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق جي مضبوطي لاءِ هڪ اهم آئيني ادارو آهي، پاڪستان ۾ پهرين ڊجيٽل ??دمشماري بهترين طور تي مڪمل ٿي آهي جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ پاڪستان ??ي شماريات کاتي ان قومي فرض ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزارت جي ٻين آفيسرن خاص ڪري شماريات کاتي ۽ گهر گهر وڃي ڳڻپ ڪندڙ اهلڪار ڊجيٽل ??دمشماري جي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ کيرون لهڻن، اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان ??ي شماريات کاتي طرفان ??دمشماري جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شماريات کاتي طرفان ٻڌايو ويو ته ستين آدمشماري مطابق پاڪستان ??ي مجموعي آبادي 241.49 ملين آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ??ي آدمشماري جي شرح باقي صوبن کان وڌيڪ 3.2 سيڪڙو رهي، گذريل 6 سالن ۾ آباد ۾ 3.5 ڪروڙ جو اضافو ٿيو جيڪو فڪر جو لمحو آهي. پاڪستان ??ي آبادي جي واڌ جي تناسب سان پاڪستان ??ي معاشي ترقي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. وزيراعظم چيو ته آبادي ۾ واڌ ڪيترن ئي قسمن جون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو، هي پاڪستان ۾ آئنده ايندڙ چونڊيل حڪومت ۽ مستقبل لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، اسان کي نه رڳو آبادي ۾ واڌ کي روڪڻو پوندو پر پاڪستان ??ي معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻڻو پوندو. اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان ??ماريات کاتي طرفان ??تين ڊجيٽل ??دمشماري جي طريقيڪار ۽ نتيجن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2022ع ۾ آدمشماري لاءِ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جيڪا ناليوارن شماريات جي ماهرن تي ٻڌل آهي ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ان ??و صدر آهي، سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام ۽ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرزن سميت صوبائي نمائندن جي شرڪت کي يقيني بڻايو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل ??دمشماري لاءِ نادرا نه رڳو سافٽ ويئر پر هڪ لک 26 هزار ٽيبليٽس، نيشنل ٽيلي ڪام ڪارپوريشن (اين ٽي سي) ڊيٽا انفرا اسٽرڪچر، اسٽوريج اينڊ ڪمپيوٽنگ جي سهولت، جڏهن ته سپارڪو بلاڪس جي تازي ترين سيٽلائيٽ جون ڊجيٽل ??صويرون مهيا ڪيون. ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن هڪ لک 21 هزار اهلڪار، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انگ اکر گڏ ڪندڙ اهلڪارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي. بريفنگ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارش تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل ??دمشماري جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پهرين ڏينهن کان ??امل ڪيو ويو، ان ڪري ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آدمشماري دوران ??وبائي انتظاميه، سول سوسائيٽي ۽ تعليمي ماهرن کي به ان ??و حصو بڻايو ويو. آدمشماري جي سرگرمين ۾ صوبائي چيف سيڪريٽرين ضلعي انتظاميه کي ڊيش بورڊز ذريعي پل پل نگراني جي سهولت فراهم ڪئي وئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل ??دمشماري 2023ع پهرين مارچ 2023ع کان 22 مئي 2023ع تائين جاري رهي، جڏهن ته ڊيٽا گڏ ڪرڻ کانپوءِ سروي 8 کان 9 جولاءِ 2023ع تائين جاري رهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2023ع ۾ مجموعي طور پاڪستان ??ي آبادي 241.49 ملين ماڻهن تي ٻڌل رڪارڊ ڪئي وئي، اهڙي طرح خيبرپختونخوا جي آبادي 40.85 ملين، پنجاب جي آبادي 127.68 ملين، سنڌ جي آبادي 55.69 ملين، بلوچستان ??ي آبادي 14.89 ملين ۽ اسلام آباد جي آبادي 2.36 ملين رڪارڊ ڪئي وئي. ان لحاظ کان پاڪستان ??ي آبادي ۾ واڌ جي موجوده سالياني شرح 2.55 سيڪڙو آهي جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 2.38 سيڪڙو، پنجاب ۾ 2.53 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.57 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 3.20 سيڪڙو رهي، اجلاس ۾ متفقه طور ستين ڊجيٽل ??دمشماري جا نتيجا منظور ڪيا ويا. اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق کانپوءِ آدمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آبادي ۾ واڌ جي موجوده رفتار انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. اسان ??ا سمورا قومي ادارا ۽ صوبائي حڪومتون آباد ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن، ملڪ جا محدود وسيلا وڌندڙ آبادي لاءِ ناڪافي آهن. جيڪڏهن آبادي جي شرح موجوده رفتار سان ??اري رهي ته اسان ??ي سمورين ڪوششن باوجود پاڪستان ۾ غرب?? ۽ ??يروزگاري ۾ واڌ ٿيندي. ان لاءِ پنهنجي محفوظ مستقبل لاءِ اسان کي آبادي ۾ واڌ تي ضابطو آڻڻ ۽ موجوده آبادي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.