اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي، آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪوبه مٿڀيد وارو سلوڪ نه رکنداسين. اها ڳالهه هن سنڌ ج?? گورنر ڪامران ٽيسوري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، آئين تحت اها گڏيل ذميواري پور?? ڪنداسين. سنڌ ج?? گورنر ڪامران ٽيسوري مرتضيٰ سولنگي کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هو جلد ڪراچ?? جو دورو ڪندو.