اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بٽگرام چيئر لفٽ واقعي جي متاثرين کي ڪاميابي سان ??يسڪيو ڪيو ويو، چونڊن جي تاريخ جو اعلان ??ليڪشن ڪميشن ڪندي، نگران ??ڪومت جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا گهربل آهن، سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن چونڊ مهم جي لاءِ به ڏيڻا آهن، چونڊن ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي، اسان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سي اين اين انٽرنيشنل“ سان ڳالهائيندي ڪيو. چيئر لفٽ واقعي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چيئر لفٽ واقعو خيبرپختونخواهه جي ڏورانهين علائقي بٽگرام ۾ پيش آيو جتي ريسڪيو جي ڪوششن ۾ ڪافي مشڪلاتون ه??ون. هن ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا کي جڏهن واقعي جي اطلاع ملي ته ان ??وبائي ۽ وفاقي اٿارٽيز سان ??ابطو ڪيو، آرمي ايوي ايشن، پاڪستان ??يئر ف??رس، پاڪستان ??رمي جي اسپيشل سروس گروپ جي جوانن ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ڪاميابي سان ??يسڪيو آپريشن کي ڪامياب بڻايو ۽ سمورن متاثرين کي حفاظت سان ه??ٺ لاٿو. هن چيو ته صوبائي حڪومت سمورين چيئر لفٽس جي تفصيلي معائني جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، علائقي ۾ سمورين چيئر لفٽس جو معائنو ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هي علائقو 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ سان ??ديد متاثر ٿيو، هتي انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو هو، توهان ??مجهي سگهو ٿا ته موسمياتي تبديلي ??هڙ?? طرح هن علائقي کي متاثر ڪيو. چونڊون منعقد ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ??ئيني ادارو آهي جيڪو چونڊون منعقد ڪرڻ جو ذميوار آهي، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا گهربل آهن، ان کانسواءِ سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن چونڊ مهم جي لاءِ ڏيڻا هوندا آهن ان لاءِ چونڊن ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته نگران ??ڪومت هڪ هفتو اڳ ئي چارج سنڀالي آهي، اسان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي پنهنجو ٽائيم ٽيبل جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ??ليڪشن ڪميشن ڪندي، ان ۾ نگران ??ڪومت جو ڪو ڪردار نه آهي.