اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ معا??ري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ تي زور ڏيندي ??يو آهي ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظ?? محمد علي ج??اح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهزاده حسين برهان الدين جي سربراهي ۾ بوهره ڪميونٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ??يو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حسين برهان الدين نگران وزيراعظم کي پنهنجي والد ۽ بوهره ڪميونٽي جي روحاني پيشوا سيدنا ڊاڪٽر مفضل سيف الدين پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظ?? محمد علي ج??اح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم معا??ري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم سماجي فلاحي، تعليمي، معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ بوهره ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيو. وفد نگران وزيراعظم کي ڪراچي ۾ بوهره ڪميونٽي جي تعمير هيٺ اسپتال بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وفد نگران وزيراعظم کي بوهره ڪميونٽي جي ??خت??ف جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ دل جي مرض جي علاج لاءِ اسپتال سرفهرست آهي. نگران وزيراعظم ملاقات ۾ لاڳاپيل عملدارن کي بوهره ڪميونٽي سان تعاون ۽ ان کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.