اسلام آباد – 24 – آڪ??وبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جو امن هڪ ٻئي ??ان ڳنڍيل آهي، موثر بارڊر مئنيجمينٽ ۽ سيڪيورٽي ٻن??ي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي. اها ڳالهه هن افغان صحافين ??ي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ افغان صحافين ??ي مسئلن، ويزا جي معاملن ۽ ٻين ??هم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير چيو ته ميڊيا جي ذميواري آهي ته امن دشمنن جي نشاندهي ڪري ته جيئن رياست انهن کي شڪست ڏئي ??گهي. هن چيو ته افغان صحافين ??ي ويزا معاملن تي گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو ويندو. پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته سمورا غيرملڪي قانوني طريقي سان اسان جي ملڪ ۾ داخل ٿيا. افغان صحافين ??ي وفد اطلاعات واري نگران وف??قي وزير جا مسئلن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.