تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي ??جلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي ??ڳواڻن ٻطرف?? لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي ??جلاس جي موقعي تي جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي ??ڳواڻن ٻطرف?? لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻ?? لاڳاپن جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم آذربائيجان ايئرلائين جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪاروبار، سياحت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. نگران وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي صدر اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چئلينجز، علائقائي تعاون ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اي سي او جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ??ڳواڻن غزه ۾ انساني بحران ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي تازه ترين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم آذربائيجان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي خاص طور تي ڪاراباغ جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.