اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جي نائب ??زي??اعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجائيف عبدوخاڪو مووچ ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان و??ير نورالدين عزيزي واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني ??فد جي قيادت واپار ۽ صنعت واري نگران وفاقي ??زي?? ڊاڪٽر گوهر اعجاز ڪئي. ڳالهه ٻولهه جو محور واپاري ??ڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي آسان بڻائن جي ذريعي واپاري لاڳاپن جو فروغ رهيو. ترجمان چيو ته واپار واري نگان وفاقي ??زي?? گوهر اعجاز اميد ظاهر ڪئي ته ٽه ڌريو تعاون ٽنهي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. ازبڪستان جي نائب ??زي??اعظم اسلام آباد ۾ نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، واپار ۽ صنعت واري ??زي??، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن و??ري ??زي??، مواصلات ۽ ريلويز واري ??زي??، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن و??ري ??زي?? ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري ??زي?? سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن جو محور واپار، رابطي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ هو. ترجمان چيو ته افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وقتي ??زي?? دوري ??وران نگران پرڏيهي ??زي?? جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي. نگران پرڏيهي ??زي?? افغانستان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي انضمام جي لاءِ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته سلامتي ۽ ترقي جي وچ ۾ تعلق تي زور ڏيندي نگران پرڏيهي ??زي?? افغانستان پاران دهشتگرد گروهن خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خلاف ٺوس ڪارروائي تي زور ڏنو. هن ان مقصد جي لاءِ عبوري ??فغان حڪومت سان تعاون جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو پڻ اظهار ڪيو ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.