اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل عرب اما??ات کانپوءِ 28 – 29 نومبر تي ڪويت جو ??طرفو دورو ڪندو. پنهنجي دوري دوران نگران وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد شيخ مشعل الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد نواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. پرڏي??ي آفيس جي ترجمان موجب ان دوري ۾ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات جي ڳولا، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبي ۾ مفاهمت جي مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي ??چ ۾ ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل گهرا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، سال 2023ع کي ٻنهي ملڪن جا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ ج?? 60 ??ين سالگرهه طور تي ملهايو پيو وڃي.