گوادر – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪ چين دوستي کي ??اراهيندي چيو آهي ته ”چين پ??ڪس??ان دوستي اسپتال“ ۽ سامونڊي پاڻي کي ??ستعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ سميت سي پيڪ منصوبن سان گوادر ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، گوادر ۾ ڪيترن ئي سالن کان پيئڻ جي پاڻي جو ڳنڀير مسئلو ان منصوبي سان حل ٿي ويندو، مستقبل ۾ چين ۾ کربين ڊالر جي واپار مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اسان کي ??اص طور تي نوجوانن کي ??ياري ڪرڻي پوندي ۽ هي انهن جي لاءِ سنهري موقعو آهي ته اهي پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ خاندانن جي لاءِ ان مان فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”چين پ??ڪس??ان دوستي اسپتال“ ۽ سامونڊي پاڻي کي ??ستعمال جوڳو بڻائڻ جي لاءِ افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان سان دلي لڳاءُ آهي، بي آر آئي فورم جي موقعي تي چيني عملدارن جي اردو کان موثر شناسائي تي خوشي ٿي، زبان ۽ رابطي سان ٻن ملڪن جي وچ ۾ ويجهڙائپ مضبوط ٿئي ٿي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين سدا بهار دوست ۽ آئرن فرينڊز آهن، انهن جي وچ ۾ جبلن کان بلند ۽ ماکيءَ کان مٺي دوستي آهي، پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفا مضبوط ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته چين پنهنجي عوام جي وڏي انگ کي ??ربت مان ڪڍي بي مثال ڪارنامو سرانجام ڏنو. صدر شي جن پنگ پنهنجي قوم کي ??نهن بردباري سان نئين مرحلي طرف وٺي وڃي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. ان جو پيغام اهو آهي ته جڏهن چين ترقي ڪري ٿو ته سڀ ترقي ڪن ٿا، ان ۾ پ??ڪس??ان خاص طور تي بلوچستان ۾ گوادر سڀ کان پهرين اچي ٿو، گوادر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڪيترن ئي سالن کان ڳنڀير هو. هن منصوبي سان پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي ويندو. ايئرپورٽ فعال ٿيڻ وارو آهي، سي پيڪ جي ذريعي گوادر جا ماڻهو ترقي جي نئين دور ۾ داخل ٿيندا، ان کي ??اقت ۽ دهشتگردي سان ??ه ٿو بدلائي سگهجي، ائين سمجهڻ وارا غلطي تي آهن، قومي بهتري جي لاءِ صحيح رخ جو تعين ٿيڻ کانپوءِ سفر ۾ ساٿ ڏنو وڃي ٿو، ??زا??مت ??ه ٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته گوادر ۽ بلوچستان جي شهرين جي لاءِ آبادي جي مناسبت سان موقعا ۽ وسيلا وڌيڪ آهن، ايندڙ 10 سالن ۾ چين ۽ ان جي ڀرپاسي کربين ڊالر جو واپار ٿيندو. ان واپار ۾ پنهنجي حصيداري، ان جو حصو بڻجڻ ۽ ان ۾ شموليت جي لاءِ تياري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته هر شخص ۾ مختلف قابليت ۽ صلاحيت هوندي آهي جيڪا هر شخص جي سڃاڻپ ۽ ڪردار جو تعين ڪري ٿي، پنهنجي سڃاڻپ سان ئي زندگي ۾ ڪاميابي ملي ٿي. هن چيو ته اهو بلوچستان جي عوام خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ سنهري موقعو آهي ته اهي پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ خاندانن جي لاءِ تاريخي موقعي مان فائدو کڻن. هن چيو ته سولر پينل منصوبي ۽ ڪوئيٽا ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪرڻ جي اعلان تي چيني سفير جو ٿورائتو آهيان ۽ انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته چيني رهواسين جون سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته گوادر جي عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو درپيش رهيو آهي، هن پلانٽ سان شهرين کي 5 لک گيلن پاڻي ملندو. سي پيڪ تحت گوادر جي تعمير ۽ ترقي مثالي آهي. گوادر ۾ اسپتال قائم ٿيڻ هتان جي عوام جي لاءِ تحفي کان گهٽ نه آهي. پ??ڪس??ان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊانگ تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته وفاقي ۽ بلوچستان ??ڪو??ت جي منصوبي ۾ مسلسل معاونت تي ٿورائتا آهيون. واٽر پلانٽ سان گوادر جي عوام فائدو کڻندي. اسپتال قائم ٿيڻ سان عوام کي ??حت جون بهترين سهولتون ملنديون. اسان جو مقصد سي پيڪ منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ آهي. گوادر پورٽ سي پيڪ جو اهم منصوبو آهي، سي پيڪ سان نوڪرين جا 2 لک 36 هزار موقعا پيدا ٿيندا. گوادر سي پورٽ تي 46 ڪمپنين جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي، انهن منصوبن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي ملندي. هن بلوچستان ۾ سولر پينل منصوبي ۽ ڪوئيٽا ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اي آئي اي سي او تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته چيني ??ڪو??ت گوادر جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. گوادر پورٽ جديد ترين ايئرپورٽ هوندو جنهن ۾ جديد سهولتون هونديو. گوادر ۾ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ نوجوانن جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.