اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ واپار بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته 40 سال اڳ سعودي عرب جي حڪومت پاڪستانين کي شا??ه فيصل مسجد جو تحفو ڏنو، هاڻ ان مسجد کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ان جي رنگ روغن ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪ?? سان گڏ شا??ه فيصل مسجد جي دؤري جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. گهرو معاملن وارو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني، ضلعي انتظاميه ۽ سي ڊي اي جا عملدار به ان م??قعي تي موجود هئا. گهرو وزير سعودي سفير سان گڏ ظهر جي نماز ادا ڪئي، جنهن کان پوءِ هنن شا??ه فيصل مسجد جي مرڪزي هال ۽ وڏي اڱڻ ۾ مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو. صحافين ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير چ??و ته جڏهن م??ن گهرو وزارت جو منصب سنڀاليو ته پهرئين جمعي جي نماز شا??ه فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. سعودي سفير جو شڪرگذار آهيان جنهن ذاتي دلچسپي وٺندي شا??ه فيصل مسجد جي رنگ روغن شروع ڪرايو، هن چيو ته شا??ه فيصل مسجد جو شمار پاڪستان جي خوبصورت ترين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان م??قعي تي سعودي سفير چ??و ته سعودي حڪومت طرفان شا??ه فيصل مسجد پاڪستانين لاءِ هڪ تحفو آهي. هاڻ ان مسجد ۾ رنگ روغن شروع ڪيو ويو آهي. گهرو وزير سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز شا??ه فيصل مسجد جي رنگ روغن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، اهو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو.