اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) جماعت اسلامي جي نئين امير جي چونڊ 31 مارچ تي ٿيندي. جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر شريف طرفان جاري بيان مطابق نئين امير جي چونڊ لاءِ سراج ال??ق، لياقت بلوچ ۽ حافظ نعيم ال??حمان جا نالا پيش ڪ??ا ويا آهن. امير جماعت اسلامي جي چونڊ هر پنجن سال کان پوءِ ڪئي ويندي آهي. صدر چونڊ ڪميشن جماعت اسلامي پاڪستان راشد نسيم جماعت اسلامي جي امير جي چونڊ جي پهرئين مرحلي ۾ جماعت جي اڳواڻيءَ لاءِ ٽن ن??لن جو اعلان ڪيو آهي. نئين امير لاءِ سراج ال??ق، لياقت بلوچ ۽ حافظ نعيم ال??حمان شامل آهن.