اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي 14 هين صدر جي حيثيت سان حلف ک??ڻ کانپ??ءِ صدر آصف علي زرداري کي ايوان صدر ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. قومي تراني کانپ??ءِ نئين چونڊيل صدر هٿياربند فوج جي دستي پاران پيش ڪيل گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري ايوان صدر جي آفيسرن ۽ ع??لي سان هٿ ملايو. آچر ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ صدر آصف علي زرداري کان سندس عهدي جو حلف ورتو هو.