اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي حملي جي سخت مذمت ڪندي متاثري?? جي گهرڀاتين، عوام ۽ ايرا?? جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو حملو شام جي خودمختياري جي ناقابل قبول خلاف ورزي آهي ۽ ا?? جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي ٿو. بيان موجب اها ع??لمي قانونن ۽ گڏيل قوم?? جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي، 1961ع جي سفارتي لاڳاپ?? جي ويانا ڪنوينشن تحت سفارتڪارن يا سفارتي سهولت?? جي خلاف حملا به غيرقانوني آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جو غيرذميواراڻو قدم اڳ ۾ ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ا?? جي مهم جوئي ۽ پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪرڻ ۽ غيرملڪي سفارتي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي غيرقانوني ڪاررواين کان روڪي.