اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران سيڪيورٽي، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ويٽرنري هيلٿ، ثقافت ۽ عدالتي مع??ملن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ 8 مع??هدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. صحيحن واري تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پڻ موجود هئا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون جي مع??هدي جي توثيق ڪئي وئي. سول مع??ملن ۾ تعاون جي لاءِ عدالتي مع??ونت جي مع??هدي تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ايران جي انصاف واري وزير امين حسين رحيمي صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويٽرنري ۽ حيوانات جي صحت جي شعبي ۾ تعاون جي مع??هدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. مع??هدي تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ايران جي زراعت واري وزير جهاد محمد علي نيڪ بخت صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جوائنٽ فري اڪنامڪ زون/ اسپيشل اڪنامڪ زو?? قائم ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري عنبرين افتخار ۽ ايران جي صدر جي صلاحڪار ۽ سپريم ڪائونسل آف فري ٽريڊ انڊسٽريل اينڊ اسپيشل اڪنامڪ زونز واري سيڪريٽري حجت الله عبدالمالڪي صحيحون ڪيون. ايران جي وزارت ڪوآپريٽو ليبر اينڊ سوشل ويلفيئر ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن واري جي ترقي واري وزارت واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي هڪ مفاهمت جي يادداشت تي او??رسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ ايران جي روڊ ۽ شهري ترقي واري وزير مهر داد بازرپاش صحيحون ڪيون. ٻنهي ڌرين پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ايران جي نيشنل اسٽينڊرڊ آرگن??ئي??يشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون. مفاهمت جي يادداشت تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ايران جي رستن ۽ شهري ترقي واري وزير مهر داد بازرپاش صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ايران ميوچل ليگل ڪوآپريشن جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. مفاهمت جي يادداشت تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ايران جي انصاف واري وزير امين حسين رحيمي صحيحون ڪيون. پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ايران جي آرگن??ئي??يشن آف سئنيما اينڊ آڊيو ويزوئل افيئرز جي وچ ۾ ٻنهي ملڪن ۾ فلمن جي مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان مفاهمت جي يادداشت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ايران جي ثقافت ۽ اسلامي رهنمائي واري وزير محمد مهدي اسماعيلي صحيحون ڪيون.