ب??جن?? – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چائنا ٿري گارجز ڪارپ??ري??ن (سي ٽي جي) جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ۽ چائنا ٿري گارجز انٽرنيشنل لميٽيڊ (سي ٽي جي آءِ) جي چيئرمين وو شينگ ليانگ ب??جن?? ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ا??جن??ا تي روشني وڌي ۽ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري خا?? طور تي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ موقعن جو هڪ جائزو پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ڪروٽ ۽ جهمپير سميت پاڪستان ۾ چائنا ٿري گارجز ڪارپ??ري??ن جي قابل تجديد توانائي جي منصوبن کي ساراهيو. هن چيو ته قابل تجديد توانائي پاڪستان ۾ نئين حڪومت جي ترجيحي شعبن ۾ شامل آهي. نائب صدر چائنا ٿري گارجز ڪارپ??ري??ن پاڪستان سان ٿري گارجز ڪارپ??ري??ن جي مسلسل وابستگي جو ورجاءُ ڪيو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪ??هالا ۽ محل هائيڊرو پاور پراجيڪٽس جهڙن جاري منصوبن جي تڪ??يل ۾ تيزي آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.