اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪڻڪ جي برآمد جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ جي دور ۾ پهرين ڪڻڪ ۽ کنڊ برآمد ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪئي وئي، اربين کربين رپيا ڪيڏانهن ويا، اهو تاريخ جو حصو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي وزيرا??ظم اسپيڪر سردار اياز صا??ق کي مخاطب ڪندي چيو ته اسپيڪر طور توهان جي آئيني ذميواري آهي ۽ اها توهان جي سخاوت به آهي ته توهان مُخالف ڌُر اڳواڻ کي ڳالهائڻ ??و موقعو ڏيو ٿا ج??هن ته اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر ج??هن اسپيڪر هو ته هو ان وقت مخالف ڌر اڳواڻ کي ڳالهه ڪرڻ ئي نه ڏيندو هو، اهو رڪارڊ جو حصو آهي. وزيرا??ظم ايوان کي ٻڌايو ته ڪڻڪ جي برآمد جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو. هن چيو ته اهو به رڪارڊ جو حصو آهي ته اڳوڻي دور ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ اڳ ۾ برآمد ڪئي وئي ۽ بعد ۾ وري درآمد ڪئي وئي، اربين کربين رپيا ڪيڏانهن ويا، اهو به تاريخ جو حصو آهي.