اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته وزيراعظم اس??ائ??لي اڳ??ائ?? جي هر فورم تي ڀرپور مذمت ڪئي آهي، ??لس??ينين جي امداد لاءِ هڪ هزار ٽن امدادي سامان روانو ڪيو ويندو، اس??ائ??لي شين جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، مظلوم ??لس??ينين جي مدد ۽ انهن تي ظلم روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو اه?? ڪنداسين. هو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ تحرڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. راڻا ثناءُ الله چيو ته ٽي ايل پي ??لس??ين جي مظلوم مسلمانن ٿيل ڏاڍ تي احتجاج طور فيض آباد ۾ موجود آهي، ان سان اسان جون ڳالهيون ٿيون آهن، ٽي ايل پي جي امير حافظ سعد حسين رضوي جي قيادت ۾ ??لس??ين جي مظلوم مسلمانن جي امداد ۽ اس??ائ??لي اڳ??ائ?? جي ظلم بابت مطالبا هئا، حڪومت ان حوالي سان پنهنجون ڪوششون اڳ ئي جاري رکيو ويٺي هئي، انهن طرفان ڌيان ڏيارڻ سان ڪجهه معاملا سامهون آيا آهن، حڪومت ??لس??ين جي مسلمانن لاءِ ڪوششن نه رڳو جاري رکندي پر ان ۾ واڌ ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪ هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان 31 جولاءِ کان پهرين ??لس??ين روانو ڪيو ويندو. امدادي سامان ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ دوائون ۽ ميوا به شامل هوندا. هن چيو ته اس??ائ??لي وزيراعظم جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ اس??ائ??ل هڪ دهشتگرد رياست طور سامهون آيو آهي، اسان جو دنيا کان مطالبو آهي ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ مسلمان امت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته وزيراعظم شنگهائي ڪانفرنس سميت هر فورم تي اس??ائ??لي اڳ??ائ?? جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي ۽ آئنده به هر فورم تي حڪومت ان جي مذمت جاري رکندي. هن چيو ته سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت اس??ائ??لي شيون جيڪي هن ڏاڍ ۽ ظلم ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون هونديون انهن کي روڪيو ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان اسان ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ اسان جي وچ ۾ انهن سمورن معاملن تي تفصيل ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان ٽي ايل پي جي ان جذبي کي ساراهيون ٿا ۽ پوري سچي نيت ۽ ايماني واري جذبي سان ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته مظلوم ??لس??ينين جي مدد ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلمن کي روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو اه?? ڪنداسين، حڪومت زخمي ??لس??ينين کي دوائن جي فراهمي سميت اتي ڊاڪٽرز به موڪلڻ تي غور ڪن??ي ۽ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته اسان جي اسپتالن ۾ ??لس??يني زخمين کي آڻي انهن جو علاج ڪيو وڃي. اهڙي طرح ??لس??يني شاگردن لاءِ به اسان جي تعليمي ادارن جا دروازا کليل آهن. هن چيو ته اسان عالمي دنيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته ??لس??ين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اس??ائ??لي اڳ??ائ?? جي مذمت سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو به اسان جي وچ ۾ ورجاءُ ٿيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي اسان جي ڀيڻ هڪ عرصي کان مصيبت ۾ ورتل آهي، ان حوالي سان اسان جون ڪوششون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون، هڪ ملڪ جيڪو انساني حقن جون ڳالهيون ڪري ٿو ان کي ان معاملي تي به غور ڪرڻ گهرجي، اسان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ به وڌيڪ ڪوششون ڪنداسين.