اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو سياسي ??ريقيڪار جمهوريت ۾ قابل قبول ناهي، اها پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. اها ڳالهه هن وائيس آف آ??ري??ا کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني رياست جي مفادن تي سڌي ريت حملو ڪيو آهي، فوج سڌو چيو آهي ته اها سياست کان ڌار رهڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ جو سياسي ??ريقيڪار ڪنهن به جمهوريت ۾ نٿو هلي سگهي. پي ٽي آءِ پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. عمران خان جو سياسي ??ريقيڪار تڪرارن سا?? ڀريل آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪو غير جمهوري قدم نه کڻندي، فوج فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ کي سياست کان ڌار رکڻو آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ هن وقت ڪو به تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته چين جي حڪومت جو چوڻ آهي ته چيني شهرين تي تازو ٿيل حملي جي نتيجي ۾ پاڪ – چين سهڪار متاثر نه ٿيندو، پاڪستان جي ??مي??اري آهي ته هو چيني شهرين جي حفاظت يقيني بڻائي. هن چيو ته آ??ري??ا ۽ چين سا?? سا?? لاڳاپن ۾ توازن رکڻ ڏکيو نه هوندو.