اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ ??ڌا??ن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم پاڪستان جي آبي ۽ خوراڪ جي سي??يورٽي لاءِ اهم من??وبو آهي، ان ۾ لاپرواهي ۽ غير ضروري دير سبب ان جي لاڳت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي، اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جو نتيجو هر شعبي ۾ ڀوڳي رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي صدارت هيٺ ديامير ڀاشا ڊيم من??وبي جي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ رٿابندي واري سي??ريٽري، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم پاڪستان جي آبي ۽ خوراڪ جي سي??يورٽي لاءِ اهم من??وبو آهي، 2018ع تائين ان ڊيم جي تعميري لاڳت جو ??اٿو 479 ارب روپيا هو. 2018ع تائين زمين جي خريداري تي 120 ارب روپيا خرچ ڪيا ??يا هئا. ڊسمبر 2020ع ۾ فنانسنگ حاصل ڪرڻ کانسواءِ جلد بازي ۾ تعميرات شروع ڪئي وئي، گذريل دور ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاس دوران ٻڌايو ويندو هو ته من??وبي جي لاڳت 600 ارب ٿي چڪي آهي، هڪ ٻئي موقعي تي ٻڌايو ويو ته هاڻي 750 ارب ٿي چڪي، هن چيو ته اڄ تائين ڪاغذن ۾ 480 ارب جو ??اٿو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ديامير ڀاشا ڊيم جي تعميري لاڳت ان وڏي اضافي جي ذميواري اڳوڻي نااهل حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، فنڊنگ جي کوٽ ۽ دير سبب ان من??وبي جي لاڳت 479 مان وڌي 1400 ارب تائين پهتي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته افسوس جو مقام آهي ته اڄ به ان من??وبي جو فنانسنگ پلان مڪمل ناهي، ڊيم ۽ بجلي جي من??وبن کي ڌار ڪيو وڃي، بجلي من??وبي جي فنانسنگ نجي ادارن کان ڪرايو. هن چيو ته 6 سال گذرڻ باوجود من??وبي جو نظرثاني ٿيل پي سي ون نه ٺهي سگهي آهي. مون گذريل دور ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي ته جنهن من??وبي جو پي سي ون ٻه سال پراڻو هجي ان تي ڪم شروع نه ڪيو وڃي. هن جو ??وڻ هو ته مستقبل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو آهي، ديامير ڀاشا ڊيم ۾ 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ذخيرو ٿيندو، هن چيو ته ڀاشا ڊيم من??وبي جي تعمير ۾ پاڪستاني يونيورسٽين، انجنيئرنگ ۽ هائيڊرالوجي جي شاگردن کي شامل ڪيو وڃي.