اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ بجلي جي ورهاستي ڪمپنين (ڊسڪوز) ۾ انساني وسيلن (ايڇ آر) جي مسئلن جي حوالي سان ڪميٽي جو ٻيو اجلاس منعق?? ٿيو. نائب وز??را??ظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب ڪميٽي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ شعبن جي نشاندهي ڪندي لائين لاسز کي گهٽ ڪرڻ، ڊسڪوز کي درپيش موجوده چئلينجن سان اثرائتي طريقي سان منهن ڏيڻ ۽ عوامي خدمت فراهم ڪرڻ ??ي ضرورت تي زور ڀريو.