اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ??يم ايف) چيو آهي ته دنيا کي موسمياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جهڙا وڏا چئلينجز درپيش آهن. اها ڳالهه آءِ ??يم ايف طرفان ريزيلئنس ان دي فيس آف چئلينجز جي نالي سان جاري سالياني رپورٽ ۾ چئي وئي. رپورٽ ۾ عالمي معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ ايندڙ موقعن تي روشني وڌي وئي. رپورٽ ۾ م??يشٽ جي بحالي، مالي استحڪام ۽ مختلف ملڪن لاءِ پاليسي وارن قدمن تي زور ڀريو ويو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ڪورنا وائرس کانپوءِ عالمي معيشت آهستي آهستي بهتر ٿي رهي آهي پر اڃا به ڪيترائي ملڪ قرض، مهانگائي ۽ جاگرافيائي ۽ سياسي مسئلن جو شڪار آهن. 2024ع کانپوءِ عالمي معيشت مختلف ڏُکيائين کي مُنهن ڏئي رهي آهي. آءِ ??يم ايف جو چوڻ آهي ته 2029ع تائين عالمي اقتص??دي ترقيءَ جي شرح 3.1 سيڪڙو تائين ڪِري سگهي ٿي ۽ تازو ڏهاڪن جي گهٽ ترين سطح آهي، ان سُستي جي بني??دي ڪارڻن ۾ ڪمزور پيداواري صلاحيت، غير مستحڪم سياسي حالتون ۽ مالياتي پاليسين جون سختيون شامل آهن. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ڪورونا وائرس کانپوءِ عالمي قرض ۽ مالي خسارو پهرين کان وڌي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اهي قرض عالمي جي ڊي پي جي شرح سان 100 سيڪڙو جي سطح تي پ??چي ويندا، ان صورتحال ۾ گهٽ آمدني وارا ملڪ مشڪل جو شڪار آهن ۽ کين وڌيڪ مالي مشڪلاتن جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. آءِ ??يم ايف عالمي مالياتي استحڪام جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته 2023ع تائين 40 کان وڌيڪ ملڪن کي مالي مدد فراهم ڪ??ي وئي ته جيئن انهن جي معيشت مستحڪم رهي سگهي. رپورٽ ۾ گروپ 20 ملڪن طرفان قرضن جي بحران کي مُنهن ڏيڻ وارن قدمن جي به وضاحت ڪئي وئي آهي. ماحولياتي تبديلين کي عالمي معيشت لاءِ هڪ وڏو خطرو قرار ڏيندي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ??يم ايف سسٽين ايبلٽي ريزيلئنس فيسلٽي پروگرام تحت مختلف ملڪن کي 6.3 ارب ڊالرن جي مدد مدد فراهم ڪ??ي ته جيئن اهي ملڪ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي مُنهن ڏئي سگهن، جڏهن ته رپورٽ ۾ ان اهم مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار تي زور ڀريو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا کي موسمياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جهڙا وڏا چئلينجز درپيش آهن، درست پاليسين وارن قدمن سان عالمي اقتص??دي اؤسر ۾ 2030ع تائين 1.2 سيڪڙو واڌ ممڪن آهي.